94

اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: حسان خاور

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان خاور چيو آهي ته اسان ڪنهن به صورت حڪومت کي اوورسيز ووٽرز جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ حسان خاور چيو ته امپورٽڊ حڪومت جي ضمير فروشي جي بازار لڳل آهي، حڪومت ۾ اچڻ جي ايجنڊا سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته هي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نه پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ اوور سيز کان حق کسڻ لاءِ آيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ لکين ماڻهو هر مهيني ڪروڙين رپيا موڪليندا آهن، جيڪي معاشي استحڪام لاءِ َضروري آهي، حسان خاور وڌيڪ چيو ته امپورڊٽ حڪومت کي انهن جا پئسا ته گهرجن پر کين ووٽ جو حق نه ٿي ڏيڻ چاهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں