50

بلاول ڀٽو پٽ جيان آهي ان جي باري ۾ ڪجهه نه ڳالهائيندس: اسحاق ڊار

اسلام آباد:)  اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تنقيد تي رد عمل ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو منهنجي لاءِ پٽ جيان آهي ان لاءِ مان ڪجهه نه ڳالهائيندس.

سپريم ڪورٽ طرفان نيب قانون ۾ ڪيل ترميم ختم ڪرڻ ۽ نوازشريف جي واپسي جي حوالي سان اسحاق ڊار چيو آهي ته 62 ون ايف بل پارليامينٽ ۽ صدر جي منظوري کان پوءِ قانون بڻجي چڪو آهي. هن قانون جي تحت نااهليت جو ٽائيم 5 سال آهي هن قانون سان نوازشريف ۽ جهانگير ترين سميت ٻين ماڻهن کي فائدو پهتو.

هن چيو ته مريم نواز جي به مختلف ڪيسن ۾ بريت ٿي چڪي آهي. نوازشريف جي پاڪستان پهچڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه آهي. نوازشريف جي پاڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويندو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان(ن) ليگ تي دٻيل لفظن ۾ ڪيل تنقيد تي اسحاق ڊار چيو ته بلاول منهنجي لاءِ پٽ جيان آهي ان تي ڪجهه نٿو ڳالهائڻ چاهيان. پ پ سان گڏجي 17 مهينن تائين اتفاق راءِ سان فيصلا ڪيا.  

اسحاق دار چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي سان اتحاد جون ڳالهيون وقت کان اڳ جون آهن. مسلم ليگ(ن) کي موقعو مليو ته  هو 2013 وارو پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں