44

اميد ته اڄ کان عدل جي ايوانن ۾ انصاف جي واپسي ٿيندي: مريم نواز

لاهور :ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان عهدو سنڀالڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
لاهور ۾ پارٽي جي مختلف ونگز جي اجلاسن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي الله پاڪ ڪامياب ڪيو آهي، هاڻ پاڪستان کي ڪامياب ڪرڻو آهي، الله پاڪ هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف کي ”پلس“ ڪيو، هر ڀيري مائنس ڪرڻ جي ڪوشش مائنس ٿي وئي.
هن چيو ته نواز شريف جي بغض ۾ عوام کي سزا ڏني وئي، اميد ته اڄ کان عدل جي ايوانن ۾ انصاف جي واپسي ٿيندي ۽ دعا آهي ته تارازي جا ٻئي پاسا سڀني لاءِ برابر هوندا.
سندس چوڻ هو اميد ته نواز شريف ۽ ان جي ساٿين کي ناانصافين مان ڇوٽڪارو ملندو، نواز شريف سان دشمني جي سوچ اصل ۾ پاڪستان دشمني ۽ عوام دشمني جي سوچ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں