49

سوات ۾ عورتن کي ڪوڙا هڻندڙ دهشتگرد مارجي ويو

سوات : سيڪيورٽي فورسز سوات ۾ آپريشن دوران عورتن کي ڪوڙا هڻندڙ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.
پاڪ فوج ۽ سي ٽي ڊي 7 سيپٽمبر تي سوات ۾ ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڪمانڊر نيڪ محمد عرف نيڪو عرف عمر مارجي ويو.
ٻڌايو ويو آهي ته انٽيليجنس ذريعي ڪالعدم تنظيم جي ڪمانڊر جي موجودگي جي ڄاڻ ملي هئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو.
نيڪ محمد عرف نيڪو عورتن کي ڪوڙا هڻڻ جون پاڻ مرادو شريعت تحت سزائون ٻڌائيندو هو ۽ پوءِ عورتن کي ڪوڙا هڻندو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں