63

ايشيا ڪپ 2023 جي فائنل ۾ ڪيترائي منفرد رڪارڊ قائم ٿي ويا

ڪولمبو : ايشيا ڪپ 2023 جي فائنل ۾ ڪيترائي منفرد رڪارڊ قائم ٿي ويا.
ڪولمبو ۾ آچر ڏينهن کيڏيل ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اٺون ڀيرو اهو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
سريلنڪن ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 15.2 اوورن ۾ 50 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته ڀارت اهو هدف 6.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيل ان فائنل ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ جا انوکا رڪارڊ به قائم ٿي ويا.
ايشيا ڪپ 2023 جو فائنل مجموعي طور تي 21.3 اوورن ۾ ختم ٿي ويو ۽ اهو ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو مختصر ترين فائنل رهيو.
ان کان اڳ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ 2021 ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل 40 اوورن جو ٿيو هو، ٻنهي اننگز کي برسات کانپوءِ 20-20 اوورن تائين محدود ڪيو ويو هو.
ايشيا ڪپ 2023 ۾ سريلنڪا جو 50 اسڪور ڪنهن به ون ڊي ٽورنامينٽ فائنل ۾ ٽيم جو گهٽ ترين اسڪور آهي، ان کان اڳ 2000 جي شارجا ڪپ فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا خلاف 54 رنسن تي آئوٽ ٿيو هو.
ايشيا ڪپ 2023 ۾ ڀارت 37 بالن ۾ هدف حاصل ڪري تريز ترين فائنل به کٽي ورتو، ان کان اڳ 2003 ۾ وي بي سيريز جي فائنل ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 74 بالن ۾ شڪست ڏني هئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں