57

ڪنري ۾ تيز هوا سان برسات جو سلسلو شروع، آبادگارن ۽ ھارين جا چھرا ٻھڪي پيا

ڪنري: ڪنري جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، جڏهن ته موسم خوشگوار بڻجي وئي.

ڪنري شھر ۽ آسپاس جي علائقن ٻسٽان، ٽوڀان شاخ، پڪو موڙ، دڙيلو، ناصرآباد، حاجي ھوٽل، پڌريوفارم ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي، برسات پوڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي.

ڪنري جي مختلف علائقن ۾ زميندارن پاران کرن ۾ سُڪڻ لاءِ رکيل مرچ پُسي ويا، جڏھن ته مرچن ۽ ڦٽي جي بيٺل فصل ۾ برسات پوڻ سبب جان پئجي وئي ۽ آبادگار ۽ ھارين جا چھرا ٻھڪي پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں