88

ايف آءِ اي پاران وزيراعظم ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جو ٽرائل نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (رپورٽر) ايف آءِ اي طرفان وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جو ٽرائل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، لاهور جي مقامي عدالت ايف آءِ اي جي پراسيڪيوشن ٽيم جي درخواست کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو، اسپيشل جج سينٽل لاهور اعجاز حسن اعواڻ ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جج اعجاز حسن اعواڻ لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ته مني لانڊرنگ ڪيس جي 11 اپريل تي ٻڌڻي بعد اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي ٽرائل ۾ عدم دلچسپي جي درخواست داخل ڪئي، ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر موجب ڊي جي ايف آءِ اي تفتيشي افسر جي ذريعي شهباز شريف خلاف پيش نه ٿيڻ جو چيو، اسپيشل پرايڪيوٽر سڪندر ذوالقرنين سليم چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ٿيڻ سبب پراسيڪيوشن کي پيش ٿيڻ کان روڪيو ويو، ايف آءِ اي بابت اختيارين وزيراعظم شهباز شريف، حمزه شهباز سميت ٻين خلاف ٽرائل ۾ عدم دلچسپي ظاهر ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں