48

لاهور ماسٽرپلان ۾ بي ضابطگيون: پرويز الاهي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار

لاهور: لاهور ماسٽر پلان ۾ بي ضابطگين جي ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير جي پيشي موقعي تي  سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، چوڌري پرويز الاهي کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ آندو ويو. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير جي جسماني ريمانڊ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي آڏو پيش ڪيو ويو. پرويز الاهي طرفان سندس وڪيل صدر لاهور بار رانا انتظار  حسين عدالت ۾ پيش ٿيو.

اينٽي ڪرپشن طرفان پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جنهن جي پرويز الاهي جي وڪيل مخالفت ڪئي ۽ ڪيس ڊسچارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

پرويز الاهي جي وڪيل دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته انڪوائري کان اڳ ايف آءِ آر داخل نٿي ٿي سگهي، سڀاڻي ڊي جي اينٽي ڪرپشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين. پرويز الاهي جي گرفتاري بدنيتي تي ٻڌل آهي. اڳوڻي وڏي وزير جي خلاف نه انڪوائري ڪئي وئي نه ئي ڪو نوٽيس اماڻيو ويو. پرويز الاهي جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير جي جسماني ريمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جنهن کان پوءِ عدالت طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پرويز الاهي کي ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت جي فيصلي کان پوءِ پرويز الاهي کي راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي ڪيس ۾ ملوث هجڻ تي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير کي هاڻ اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں