50

مرتضيٰ وهاب پنهنجي لاءِ بم پروف گاڏي گهري ورتي

ڪراچي؛ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مون وٽ وڏي وزير جي اجازت سان بم پروف گاڏي هئي، نگران گهرو وزير چيو ته کيس اها گاڏي گهرجي، مان واپس ڪري ڇڏي، مون کي ٿريٽس آهن، نگران وڏي وزير کي بم پروف گاڏي جي درخواست ڪئي آهي.
واٽر بورڊ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جا شهري واٽر مافيا کان پريشان آهن، ڪراچي جي مسلئن ۾ پاڻي جو مسئلو به اهم آهي، شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته ڪينجهر ۽ حب ڊيم مان پاڻي جي فراهمي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، حب ڊيم جي لائن جي مرمت جو ڪم جاري آهي، جنهن کانپوءِ لائن مان وڌيڪ پاڻي ڪراچي کي فراهم ڪري سگهبو.
سندس چوڻ هو ته هاڻ واٽر مافيا خلاف ڪارروائي ۾ پوليس ۽ رينجرز به اسان سان گڏ آهي، هيل تائين 17 ڪيس ڪري چڪا آهيون ۽ 75 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں