46

ڪراچي: ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل گهريلو ملازمه آزاد، جوابدار گرفتار

ڪراچي ؛ڊفينس پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڪارروائي ڪري ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيندڙ 13 ورهين جي ڇوڪري آزاد ڪرائي ورتي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
وجيها نالي 13 ورهين جي ڇوڪري ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 3 ۾ هڪ گهر ۾ گهريلو ملازمه طور ڪم ڪندي هئي، جيڪا ٻه ڏينهن اڳ گهر مان ڪم تي وڃڻ لاءِ نڪتي ته واپس نه موٽي.
ڇوڪريءَ جي ماءُ 15 تي پوليس کي گمشدگي جو اطلاع ڏنو، جنهن تي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
پوليس اختيارين موجب سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٽيڪنيڪل ذريعن جو استعمال ڪندي وجيها کي آزاد ڪري اغوا ۾ ملوث جوابدار شايان پٽ اعجاز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته وجيها کي سندس والدين حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں