88

لاڙڪاڻو.پاپوليشن کاتي جي آفيسررسول بخش عباسي تي حملوگارگند. نور ڪالوني سينٽر جي انچارج ايڊوانس 23 سيپٽمبر تائين رجسٽر ۾ حاضر آفيس ۾ غير حاضر آپڪا اڳواڻ شريف عمراڻي به غير حاضر ملازم نڪتو

لاڙڪاڻي جي پاپوليشن کاتي جو انوکو ڪارنامو نور ڪالوني ۾ قائم فئملي ويلفيئر سينٽر جي انچارج ياسمين لاڙڪ 23 سيپٽمبر 2023 ع تائين حاضري رجسٽر ۾ ايڊوانس صحيحون ڪري پاڻ آفيس ۾ غير حاضر رهي تعلقي آفيسر رسول بخش عباسي پاران سينٽر جو دورو.انچارج ياسمين لاڙڪ سندس مڙس ۽ آپڪا اڳواڻ محمد شريف عمراڻي جو تعلقه آفيسر تي حملو گارگند. تفصيل موجب لاڙڪاڻي جي پاپوليشن کاتي ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي 30 فئملي سينٽرن مان ڪجهه سينٽر کاتي جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي تعلقي آفيسر رسول بخش عباسي صحافين کي ٻڌايو ته مان نور ڪالوني ۾ فئملي ويلفيئر سينٽر تي وزٽ ڪرڻ ويس ته فئملي ويلفيئر ورڪر ياسمين لاڙڪ غير حاضر هئي جڏهن حاضري وارو رجسٽر چيڪ ڪيو ته 23 سيپٽمبر تائين ايڊوانس صحيون ٿيل هيون يعني 5 ڏينهن پوء واريون صحيحون به ڪيون ويون هيون. هن چيو ته مان جيئن ئي وزٽ ڪري ڊسٽرڪٽ آفيس پاپوليشن پهتس ته ياسمين لاڙڪ سندس مڙس ۽ آپڪا اڳواڻ محمد شريف عمراڻي اچي مون مٿان حملو ڪيو ڪرسيون هنيون گارگند ڪيو ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن. هن چيو ته شريف عمراڻي ساڳي ئي نور ڪالوني واري سينٽر تي فئملي ويلفيئر اسسٽنٽ ميل آهي جيڪو پڻ غير حاضر ملازم آهي رسول بخش عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاپوليشن کاتي جو رٽائرڊ اڳواڻ پيرل دايو جا لاڙڪاڻي ۾ سبزي منڊي،او پي ايف ۽ ڪيهر سميت 3 سينٽر آهن جن جي ماهوار 20 کان 25 هزار رينٽ کڻي رهيو آهي پر سينٽر بند پيل آهن. هن مطالبو ڪيو ته منهنجي مٿان حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں