51

مهانگي پيٽرول کان ڇوٽڪارو: چيني ڪمپني پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين وارو پلانٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: مهانگي پيٽرول کان تنگ گاڏي جي مالڪن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي آهي. چين جي مشهور ڪارون تيار ڪندڙ ڪمپني پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو پلانٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمپني جي اسسٽنٽ چيئرمين جي يو زونگ جي سربراهي ۾ وفد ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر سان ملاقات جي موقعي تي اهڙو اعلان ڪيو آهي.

جي يو زونگ چيو ته هو پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ مينو فيڪچرنگ يونٽ ۽ شورومز قائم ڪرڻ ڪمپني جي مفاد ۾ آهي اهو ڊگهي مدي واري ڪاروباري منصوبي جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرڪ ڪارن جي استعمال سان پيٽرول جي لاڳت ۾ تمام گهڻي بچت ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں