88

مانجهند حادثي ۾ فوت ٿي ويل 7 ڄڻن جي تدفين، هر اک آلي

ڀرياسٽي (رپورٽر) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ حسين ڪلھوڙو ۾ مانجھند حادثي جي 7 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، هڪ ئي وقت 7 جنازا کڄڻ تي هر اک آلي ٿي وئي، حادثي ۾ فوت ٿي ويل  شڪيل ڪلھوڙو، دين محمد ڪلھوڙو، معشوق ڪلھوڙو، شفيق ڪلھوڙو، سڪندر ڪلھوڙو، آصف ڪلھوڙو ۽ آفاق وسطڙو جي جنازي نماز بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جنازي نماز ۾  ضلعي حڪومت پاران ڪي به  انتظم نه ڪيا ويا، جنازي نماز نٽھڻ اس ۾ ادا ڪئي وئي، پاڻي جو به ڪو انتظام نه  هو، فوتين جا وارث توڙي شريڪ ماڻھو پرشانين کي منھن ڏنو.جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز تاشفين عالم اسسٽنٽ ڪمشنر شاھدسرڪي مختيار ڪار ڀريا سميت وڏي  تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ فوتين جا وارث ھنجون ھاريندا رھيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں