87

ڀارتي اداڪاره زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، ڪلڪته جي عدالت فراڊ جي الزام ۾ ڀارتي اداڪاره زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪلڪته ۾ زرين خان خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون داخل ڪيون ويون هيون، ڪيس جي جاچ آفيسر اداڪاره خلاف ڪلڪته جي سيالده عدالت ۾ چارج شيٽ جمع ڪرائي هئي

زرين خان خلاف ڪيس 2018 ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪلڪته ۾ هڪ پوڄا جي 6 پروگرامن ۾ پرفارم نه ڪرڻ تي ان جي خلاف ايونٽ مئنجمينٽ ڪمپني جي طرفان شڪايت داخل ڪرائي وئي هئي

عدالت جي بار بار نوٽيس باوجود اداڪاره پيش نه ٿي، جنهن بعد هاڻ ان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں