58

ڪوٽ لالو ۾ آپگهات ڄاڻايل ناريءَ جي ڀاءُ هٿان قتل جو انڪشاف

فيض گنج :ڪوٽ لالو ۾ آپگهات ڪري پاڻ ماريندڙ ڄاڻايل ناريءَ جي ڀاءُ هٿان قتل جو انڪشاف ٿيو آهي

 علائقي واسين جو چوڻ آهي ته فهميده راڄپر کي فون تي ڳالهائيندي ڏسي سندس ڀاءُ شهباز راڄپر کيس گولي هڻي قتل ڪيو، واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ لاءِ پوليس کي 2 لک روپيا رشوت به ڏني وئي

 ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس وارثن کي ناريءَ جو لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪوٽ لالو ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 پوليس ڄاڻايو آهي ته جوابدار پنهنجي ڀيڻ فهميده کي شادي جي معاملي تان قتل ڪيو آهي، ناري جي تدفين روڪرائي آهي، معاملي جي جاچ ڪيون پيا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں