52

جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومت جو سوچي نٿو سگهي، پ پ آخري وقت تي چونڊن جي واعدي تان ڦري وئي:فضل الرحمان

لاهور: (خميس: 21 سيپٽمبر 2023ع) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومت جو سوچي به نٿو سگهجي. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي واعدي تان نه ڦري ها ته هن وقت چونڊون ٿي وڃن ها.

لاهور ۾ صحافين ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي آخري وقت ۾ چونڊن جي فيصلي کان ڦري وئي هئي. ايم ڪيو ايم ۽ اختر مينگل سميت ٻين اتفاق راءِ سان فوري طور تي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. پيپلز پارٽي آخري وقت ۾ عدم اعتماد تحريڪ آڻڻ تي زور ڏنو هو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ چونڊون فيبروري جي آخر تائين ٿينديون جيڪي حالتون قبائلي علائقن ۾ آهن ان ۾ چونڊ مهم هلائڻ ڪافي مشڪل آهي.

جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته جمهوري ملڪن ۾ نگران حڪومت جو سوچي به نٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي آڻيندڙن پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته  انهن جي ايجنڊا ڪجهه ٻئي آهي. پي ٽي آءِ کي ان لاءِ آندو ويو هو ته ملڪ کي معاشي طور تي ڪمزور ڪري سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں