54

گهوٽڪي ۾ وحشي جوابدار لوهي سرين جا وار ڪري 4 گهر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ زخمي

گهوٽڪي: گهوثڪي جي آفتاب ڪالوني ۾ وحشي جوابدار پاران ماء ڀيڻ سميت ٻن ڀاڻيجين کي لوهي سرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو 

وحشي جوابدار عمران ٽڳڙ لوهي سريا هڻي 55 ورهين جي ماء مريم ٽڳڙ، ڀيڻ 35 ورهين جي شمائله، 9 ورهين ٻن جي ڀاڻيجين اقراء ۽ آيته کي لوهي سريا هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته وحشي جوابدار جي حملي دوران هڪ معصوم نينگري سورت زخمي ٿي پئي جنهن کي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته وحشي جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ جيل مان آزاد ٿيو هو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں