79

ڪشمور ڪشمور اناج منڊي ويجهو ھٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور اناج منڊي ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنھون خان ڪالوني واسي پير بخش دلاڻي مزاري مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار واقعي واري هنڌان آساني سان فرار ٿي ويا. ڪشمور تعلقہ سول اسپتال جي واحد ايمبولينس اسپتال ۾ موجود بيٺل ھئڻ جي باوجود قتل ٿي ويل مقتول جو لاش ڇڪڙا موٽرسائيڪل تي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي قتل واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں