52

فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس: روپوش جوابدار فياض شاهه جي 6 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور

حيدرآباد: راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل 10 ورهين جي نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدار فياض شاهه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيدرآباد بينچ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

قتل ڪيس ۾ نامزد ۽ روپوش ڄاڻايل جوابدار پير فياض شاهه ۽ حنا شاهه ضمانت جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ سان رابطو ڪيو. عدالت جوابدار پير فياض شاهه جي 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض 6 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي جنهن کان پوءِ عدالت پوليس کي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جوابدار فياض شاهه گرفتار جوابدار اسد شاهه جو سهرو آهي.

عدالت حنا شاهه جي ضمانت واري درخواست تي اعتراض لڳائي ڇڏيا، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار حنا شاهه کي جڏهن سکر جي عدالت مان  عبوري ضمانت  حاصل هئي ته پوءِ هو مقرر مدي اندر پيش ڇو نه ٿي؟ عدالت حنا شاهه سميت ڌرين کان 26 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ حنا شاهه ۽ پير فياض روپوش آهن انهن جي گرفتاري لاءِ راڻيپور ۽ ڪچي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا ويا آهن. جڏهن ته پير اسد شاهه ۽ ڪمپائونڊر امتياز جسماني ريمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں