52

اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جنوري 2024 جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن اڄ تڪ بندين جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ فيصلو ڪيو ته تڪ بندين جي شروعاتي فهرست 27 سيپٽمبر 2023 تي شايع ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪ بندين تي اعتراض ۽ تجويزن جي ٻڌڻي کان پوءِ 30 نومبر تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.  اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته حتمي فهرست جي 54 ڏينهن کان پوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرايون وينديون.

ياد رهي ته هلندڙ ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان جون سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن کان عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں