62

شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم ۽ مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين جا ريفرنس احتساب عدالت پهچايا ويا

ڪراچي: (خميس: 21 سيپٽمبر 2023ع) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم ۽ ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين جي خلاف نيب ريفرنس واپس پهچايا ويا آهن.

نيب قانون ۾ ترميم جي پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ احتساب عدالت  کان اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ريفرنس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو ويو هو ان کان علاوه ڊاڪٽر عاصم حسين، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، اڳوڻي اسٽيل مل جي چيئرمين معين آفتاب شيخ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جو ريفرنس به واپس اماڻيو ويو هو.

اڳوڻي سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو ۽ اڳوڻي ڊي جي ڪي ڊي اي ناصر عباس سميت ٻين جا ريفرنس به واپس اماڻيا ويا هئا.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي جي احتساب عدالت کي شاهد خاقان عباسي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ رئوف صديقي سميت ٻين ماڻهن جا ريفرنس ٻيهر ملي ويا آهن. ذريعن موجب اڳوڻي ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ جي خلاف ريفرنس واپس نيب ڪورٽ کي ملي ويو آهي.

نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته عبدالحفيظ شيخ خلاف قومي ناڻي کي 11.1 ملين ڊالر جو نقصان پهچائڻ ۽ پورٽ قاسم سميت ٻين پورٽس جي لاءِ سافٽ ويئر جي تياري جي مد ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي. ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 15 سيپٽمبر تي پارليامينٽ مان منظور ٿيل نيب ترميم جي قانون کي ڪالعدم قرار ڏيندي سياستدانن ۽ عوامي نمائندن جي خلاف ڪيسز ٻيهر کولڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

سپريم ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ جن سياستدانن خلاف ڪرپشن جا ڪيس ٻيهر بحال ٿيا آهن انهن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف،  راجا پرويز اشرف، يوسف رضا  گيلاني، شوڪت عزيز، شهباز شريف سميت ٻيا سياستدان به شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں