76

سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پاڪستان جي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تصويري نمائش لڳائي وئي.

ڄامشورو: شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾”ٿرُو دي لينز: اي جَرني اِن فريم“ فوٽوگرافي جي نمائش ذريعي پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي خوبصورتي کي اجاگر ڪيو ويو. هڪ هفتي جي نمائش سينئر فوٽوگرافر علي گل قريشي جي نگراني ۾ ٽئين سال جي ڪميونيڪيشن ڊيزائن ۽ چوٿين سال جي آرڪيٽيڪچر جي شاگردن جو امتحاني پروجيڪٽ هئي.

نمائش جو افتتاح سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪيو، جنهن شاگردن جي فوٽو گرافي جي جذبي کي تمام گهڻو ساراهيو. 42 شاگردن سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف ماڳن جون 84 تصويرون نمائش ۾ رکيون. نمائش ۾ جيڪي اهم تصويرون رکيون ويون آهن انهن ۾ مکي هائوس حيدرآباد، ڪوٽڙي پل، انارڪلي حويلي لاهور، ميري ويدر ڪلاڪ ٽاور ڪراچي، ايڪسپريس مارڪيٽ ڪراچي، سيبس يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد، پڪو قلعو حيدرآباد، هير آباد، ٽاور مارڪيٽ حيدرآباد، ميرن ۽ ڪلهوڙن حڪمرانن جا مقبرا، ٽالپر هائوس حيدرآباد، مڪلي قبرستان، بادشاهي مسجد لاهور، بهاولپور لائبريري، لعل شهباز قلندر جي مزار ۽ ٻيو ورثو، ثقافتي ۽ قديم ماڳ شامل هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڪثر تصويرون موبائل ڪئميرا ذريعي ڪڍيون ويون هيون.

سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندي چيو ته هو ڊجيٽل ميڊيا ٽيڪنڪ ذريعي پنهنجي ڪم کي عام ڪن جيئن قومي ۽ عالمي سطح تي کين پذيرائي ملي سگهي. هن شاگردن کي صلاح ڏني ته اهي انهن تصويرن، انهن جي مختلف زاوين، ٽيڪنڪ، لينس، خاص پاسن جي پويان سوچ ۽ مخصوص تصوير سان لاڳاپيل هر شيءِ بابت ڪجهه لکن. نمائش ۾ فيڪلٽي ميمبرن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. نمائش ست ڏينهن تائين جاري رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں