55

عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو ٿيڻ سان ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌيون آهن: نگران پرڏيهي وزير

اسلام آباد: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ سان ملڪ ۾ تيل جون قيمتون وڌيون آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته معاشي مضبوطي سياسي استحڪام سان مشروط آهي. اسان جو بنيادي حدف پاڪستان ۾ شفاف ۽ غير جانبدارانه چونڊون منعقد ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ايس آءِ سي ايف جي تحت 5 وڏن شعبن ۾ سرمائيڪاري جا حدف مقرر ڪيا ويا آهن جنهن جي لاءِ عرب ملڪن سان معاهدا ٿيندا. عرب ملڪ پاڪستان ۾ وڏا ڀائيوار آهن. پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن ۽ خصوصي سرمائيڪاري ڪونسل جي تحت سرمائيڪارن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جن جو وڏو حدف عالمي سرمائيڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ آهي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں