72

ملڪ ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر سليم ماندوي والا چيو آهي ته ملڪ ۾ رنگ نسل ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت جو ٻج ڇٽيندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو، سليم مانڊوي والا 12 مئي سانحي بابت پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو ته 12 مئي سانحي جي ورسي تي سانحي جي سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته 12 مئي جي قربانين کي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، هن ڏينهن کي هڪ خون جي راند ڪري ڪراچي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي.هن چيو ته ملڪ ۾ نسلي، لساني يا مذهبي فرق ۽ عدم برداشت کي روڪڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں