57

سنڌ جي 28 ڌاڙيلن جي لسٽ تيار، جلد انجام تائين پهچائڻ لاءِ آپريشن تيز، اپيڪس ڪميٽي ۾ اهم فيصلا

ڪراچي: سنڌ جي نگران وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو 28 هون اجلاس ٿيو.
جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڪور ڪمانڊر ڪراچي لفيٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي سنڌ رفعت مختار سميت ٻيا شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران آءِ جي سنڌ صوبي ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏني ته هلندڙ سال 2023ع دوران ڀنگ لاءِ اغوا جا 220 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته گذريل سال رڳو 81 رپورٽ ٿيا هئا.
آءِ جي سنڌ موجب 220 اغوا جي واقعن ۾ لاڙڪاڻي ۾ سڀ کان وڌيڪ 127 ڪيس رپورٽ ٿيا، سکر ۾ 46، ڪراچي ۾ 42، حيدرآباد ۾ 3 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ اغوا جو هڪ واقعو رپورٽ ٿيو.
آءِ جي موجب ڪراچي مان اغوا ٿيل 42 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، حيدرآباد مان به ٽئي مغوي بازياب ٿيا، سکر جي 46 مان 41 مغوي بازياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل 128 مان 121 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اهڙي ريت هيل تائين 220 مان 210 مغوي بازياب ٿي چڪا آهن.
اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ 60 ڏوهاري آهن، باقي قبائلي ماڻهو آهن، 60 ڏوهارين جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، آپريشن ۾ انهن ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي نشانو بڻايو ويندو.
نگران وزير سوال ڪيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري ۽ ڌاڙيل فورسز جي قابو ۾ نٿا اچن؟ اهي ڌاڙيل هر صورت ۾ جنم ڀيڙا ٿيڻ کپن، افسوس آهي ته انهن ڌاڙيلن جي ڪري گهوٽڪي_ڪشمور پل جو ڪم رڪيل آهي
نگران وزير رينجرز ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي_ڪشمور پل جو ڪم شروع ڪرايو وڃي، جنهن بعد ڪور ڪمانڊر رينجرز ۽ پوليس کي پل جي سائيٽ تي فوري طور وڃڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
ڪور ڪمانڊر اجلاس کي ٻڌايو ته جيڪڏهن گهوٽڪي_ڪشمور پل ٺهي ويو ته ڌاڙيلن کي لڪڻ لاءِ جڳهه نه ملندي ۽ انهن کي ٽارگيٽ بڻائڻ تمام سولو ٿي ويندو.
اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته هٿيارن جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي وڏي کيپ گهوٽڪي مان پڪڙي وئي آهي، ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ جديد هٿيار کپن ٿا، اُهي هٿيار پاڪ فوج فراهم ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں