60

قمبر/شھدادڪوٽ: روڊن لاءِ آيل فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن جي بک هڙتال جاري

قمبر/شھدادڪوٽ: سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان اعلانيل بک هڙتال اڄ ٽئين ڏينهن به جاري، جنهن خلاف ڪارڪنن امداد سومرو، زاهد مگسي، فاروق سومرو، رفيق سومرو ، محسن ميرجت، تبريز ڇلگري، غلام علي مگسي، علي مراد بروهي، عرفان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انجنيئر عبدالقادر سانگي ۽ ٺيڪيدار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
هنن چيو ته بگو روڊ ۽ سڪندر کوسو هوٽل روڊ سميت شھر جا ڪيترائي روڊ رولڙي جو شڪار آهن، انجنيئر عبدالقادر سانگي ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري روڊن لاءِ آيل فنڊ هڙپ ڪري ڪاغذي ڪارروائي ۾ روڊ تعمير ڪرايا آهن.
مظاهرين نگران حڪومت، نيب، اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ته انجنيئر ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري رقم واپس ملڪ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي.
هنن وڌيڪ چيو ته 29 سيپٽمبر 2023 تي يار محمد بروهي جي ڳوٺ کان ريلي ڪڍي ويندي ۽ 15 آڪٽوبر 2023 تي شھدادڪوٽ کان پيادل مارچ ڪري قمبر روڊس انجنيئر آفيس جي سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں