54

آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور: اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت جي ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب، ان دوران چوڌري شجاعت آصف زرداري کي چيو ته اڄڪلهه ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ جيڪا بيان بازي هلي رهي آهي ان ۾ سياسي ڇڪتاڻ نظر اچي رهيو آهي، جيڪو ٺيڪ نه آهي.
جنهن تي آصف زرداري چيو ته اسان اهڙو ڪجهه ناهي ڪيو، اسان آئين ۽۽ زميني حقيقتن تي مطابق سوال اٿاري رهيا آهيون، ڪنهن سان جهيڙو ناهي جنهن تي چوڌري شجاعت چيو ته ائين نه ڪرڻ گهرجي.
ذريعن موجب، چوڌري شجاعت چيوته ملڪ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري مُلڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سياسي ڇڪتاڻ تي نواز شريف سان ڳالهه ٻول ڪندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں