55

سموري سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش

ڪراچي: صوبائي گهرو کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
صوبائي گهرو کاتي موجب، پابندي 8 ربيع الاول تي چپ تعزيي ۽ 12 ربيع الاول جي جلوسن کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، نوابشاهه، خيرپور، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ به 12 ربيع الاول تي ڊبل سواري تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جي ضلعي ايسٽ ۾ 8، 11 ۽ 12 ربيع الاول کي ٻيلهه سواري تي بندش هوندي، سينٽرل ضلعي ۾ 11 ۽ 12 ربيع الاول کي ڊبل سواري تي پابندي هوندي جڏهن ته ڪياماڙي، سٽي ۽ سائوٿ ۾ 7، 8 ۽ 12 ربيع الاول تي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں