59

نواز شريف جي ڏيهه واپسي ۽ ايندڙ سال جنوري ۾ چونڊن جا امڪان گهٽجي ويا

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان نيب قانون ۾ ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ قومي احتساب بيورو (نيب) جي فعال ٿيڻ، نواز شريف جي وطن واپسي جي شيڊيول تي نظرثاني جي اڳڪٿين وچ ۾ شهباز شريف جو اوچتو لنڊن پهچڻ ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عام چونڊن جي حوالي سان پولنگ جو ڪو شيڊيول ڏيڻ کانسواءِ اعلان ايندڙ سال جي شروع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊن جي امڪان گهٽجي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي اپيل ڪيس ۾ ان فيصلي جي روشني ۾ معاملو اعليٰ عدالت ۾ اٿاري سگهجي ٿو.
ذريعن موجب، چونڊ اڳڀرائي جو دائرو پرويسجر اينڊ پريڪٽس ايڪٽ واري معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط آهي.
ذريعن جوچوڻ آهي ته جي سپريم ڪورٽ جا سمورا فيصلا پارليامينٽ مان ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ ڪيا ويا هجن ته عام چونڊون ايندڙ سال جنوري جي آخر ۾ ممڪن هونديون.
ذريعن ياد ڏياريو ته اليڪشن ڪميشن جي مختصر اعلان جي ڪائي قانوني اهميت نه آهي ڇاڪاڻ ته اهو آئين ۽ چونڊن جو شيڊيول جي حوالو ڏيڻ کانسواءِ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں