57

ميرپورخاص: صوفي شهر ويجهو راما پير جي ياترين سان ڀريل شهزور ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت، 20 ڄڻا زخمي

ميرپورخاص: عمرڪوٽ ويجهو صوفي شهر ڀرسان راما پير جي ميلي تي ٽنڊو الهيار ويندڙ ياترين سان ڀريل شهزورگاڏي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالن جي عورت سڻي اوڏ ۽ 7 مهينن جو معصوم ٻارڙو جيوڻ اوڏ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
جن مان ٽن شديد زخمين کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، جن ۾ 55 سالن جي گلان اوڏ، 13 سالن جو رجيش اوڏ ۽ 30 سالن جو گلزار اوڏ شامل آهن، جن مان گلزار اوڏ جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ سبب کيس حيدرآباد سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن باقي زخمين کي پٿورو جي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں