52

لاهور هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد جي گرفتار ڪرڻ بابت پوليس رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي: لاهور هاءِ ڪورٽ بئنچ راولپنڊي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي گرفتار ڪرڻ بابت پوليس رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي جنهن دوران راولپنڊي پوليس اڳوڻي گهرو وزير کي گرفتار ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.
پوليس رپورٽ موجب، شيخ رشيد فيز ٿري مان گرفتار ٿيو جيڪو راولپنڊي پوليس جي حدن ۾ نٿو اچي.
ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس صداقت علي پوليس جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي آر پي او راولپنڊي کي 26 سپٽيمبر تي طلب ڪري ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں