51

پاڪستان پيپلزپارٽي لطيف کوسه جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان پيپلزپارٽي سينئر قانوندان ۽ سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ميمبر لطيف کوسه جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
پ پ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ لطيف کوسه جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ پ جي سيڪريٽري جنرل، لطيف کوسه جي سي اي سي جي رڪنيت به معطل ڪري ڇڏي آهي.
ترجمان موجب، لطيف کوسه مدو پورو ٿيڻ باوجود شوڪاز نوٽيس جو جواب ناهي ڏنو.
ياد رهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري طرفان پارٽي پاليسين جي ابتڙ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪالت ڪرڻ تي لطيف کوسه کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں