83

ڪراچي ۾ گرميءَ جي لهر ڪيستائين جاري رهندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ جاري گرميءَ جي لهر بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ کان گرميءَ جي شدت ۾ اضافو ممڪن آهي، جنهن بعد گرمي پڌ 38 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گرميءَ جو سلسلو 15 مئي تائين جاري رهندو، جڏهن ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب وڌيڪ ٿيڻ سان گرميءَ جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي، شهر ۾ سامونڊي هوائون معطل رهنديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں