59

لاڙڪاڻو. لاڙڪاڻي ۾ قائم خانگي دعاء بتول پبلڪ اسڪول ۾ جشن عيد ميلاد النبيﷺجي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو. لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور دودائي روڊ واري علائقي ۾ قائم خانگي دعا بتول پبلڪ اسڪول ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مهمان خاص مولانا حافظ عنايت الله وڌو، اسڪول جي پرنسپال، ميل ۽ فيميل ٽيچرن، شاگردن، شاگردن توڙي عملي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شريڪ ٻارن کي سائي ۽ اڇي رنگ جا ڪپڙا، رومال پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شاگردن محمد باسط، احمد رضا سولنگي، بيبي زينب سولنگي، بيبي عليشبا حسين، صفير حسين سانگي، بيبي بشرا عباسي، بيبي ندا فاطمه وڌيو ۽ ٻين حمد ۽ نعت پڙهي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم مٿان عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ۽ مرحبا يا مصطفي، آقا کي آمد مرحبا جي نعرن سان هال گونجي اٿيو. تقريب ۾ مولانا حافظ عنايت الله وڌيو حسيني سرڪار جي آمد تي بيان ڪيو ۽ چيو ته آقا دو جھان نبي رحمت صلي الله عليه وسلم جي آمد پوري دنيا تي احسان آھي اسان مسلمانن جي لاءِ حقيقي عيد جو ڏينهن 12 ربيع الاول آهي جنهن ڏينهن تي ٻنهي جهانن جا سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم هن دنيا ۾ آيا ۽ جهالت جو خاتمو ٿيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں