53

ڄامشورو: پيٽارو ڀرسان تيز رفتار ڪوچ جو پاڪ فوج جي گاڏي کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ڄامشورو: ڄامشورو ڀرسان انڊس هاءِ وي پيٽارو يو ٽرن وٽ تيز رفتار ڪوچ جو پاڪ فوج جي گاڏي کي پويان کان ٽڪر حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ گڏيل طور تي فوجي اهلڪار ۽ ڪوچ سوارن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.  حادثي ۾ فوت ٿيل ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينڊر جي سڃاڻپ عثمان سولنگي ۽ محمد ايوب شيخ طور ڪئي وئي آهي.

حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ ڪوچ سوار زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں