50

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو طرفان ميانوالي ۾ پوليس پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ميانوالي ۾ پوليس تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.

پنهنجي پيغام ۾  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن جي نرسرين کي تباهه ڪيو ويندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ميانوالي ۾ دهشتگردن طرفان پوليس مٿان حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پوليس جي جوانن کي بهادري سان مقابلو ڪرڻ تي شاباش پيش ڪريان ٿو.

بلاول ڀٽو پوليس جي شهيد اهلڪار جي خاندان سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن جي سرپرستن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، دهشتگرد ڌرتي ۽ قوم جا دشمن آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں