55

ميانوالي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي، ٽي ٽي پي جي امير لکي مروت جو ڀاءُ به شامل

ميانوالي: ميانوالي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ زبير نواز ۽ محمد خان جي نالن سان ٿي آهي جن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان هو.

سي ٽي ڊي اختيارين ٻڌايو آهي ته زبير نواز جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي ٽيپو گروپ سان هو جيڪو لکي مروت جي ٽي ٽي پي امير ارشد نواز جو ڀاءُ هو، زبير نواز پنجاب ۾ فرقيوارانه قتل، ڀته خوري ۽ سنگين ڏوهن ۾ گهربل هو.

اختيارين موجب ٻئي مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ محمد خان جي نالي سان ٿي آهي، محمد خان جو تعلق به پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي ٽيپو گروپ سان هو.

سي ٽي ڊي اختيارين ٻڌايو آهي ته ٻنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ انٽيليجنس ايجنسين ۽ جديد سافٽ ويئر جي  مدد سان ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں