46

اسلام آباد: سي ٽي ڊي جو ڳجهن ادارن سان گڏ سرچ آپريشن، 800 افغان شهري گرفتار

اسلام آباد: سي ٽي ڊي ڳجهن ادارن سان گڏ سرچ آپريشن ڪندي اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان 800 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سرچ آپريشن بهاره ڪهو، ترنول، مهر آباديان، گولڙه، شمس ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ افغانين جي خلاف ڪيو ويو.

گرفتار افغان شهرين ۾ 400 کي پروف آف ريزيڊنس هجڻ تي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته 375 افغان شهرين وٽ ڪوبه سڃاڻپ ڪارڊ يا دستاويزارت موجود نه هو جنهن سبب کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان سان گڏ 25 افغان شهرين جي دستاويزن جي تصديق تائين انهن کي حراست ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته 375 افغان شهرين کي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي بارڊر پار اماڻيو ويندو.

آپريشن کان اڳ ڳجهي ڄاڻ جي آڌار تي فهرست به جوڙي وئي آهي جن ۾ ڪيترن ئي ڏوهاري پيشه ور افغان شهرين جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. ايندڙ ڏينهن دوران آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں