50

حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي تيل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جو مارجن وڌيڪ وڌائي ڇڏيو

لاهور: حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي تيل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جو مارجن وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي مارجن ۾ 88 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آهي. تيل ڪمپنين جو مارجن 47 پئسا في ليٽر وڌايو ويو جڏهن ته ڊيلرز مارجن ۾ في ليٽر 41 پئسن جو اضافو ڪيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽرول تي او ايم سي مارجن 6.47 روپين مان وڌي 6.94 روپيه في ليٽر ٿي ويو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي ڊيلرز مارجن 7.41 روپين مان وڌي 7.82 روپيه في ليٽر ٿي ويو آهي جڏهن ته ڊيزل تي او ايم سي مارجن 6.70 روپين مان وڌي 7.17 روپيه في ليٽر ٿي ويو آهي.

دستاويز موجب حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي فريٽ مارجن به وڌائي ڇڏيو، ڊيزل تي فريٽ مارجن 1 روپيو 78 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرل تي 16 پئسا في ليٽر وڌايو ويو آهي.

حڪومت طرفان ڊيزل تي 65 روپيه 70 پئسا في ليٽر ٽيڪس ۽ 50 روپيه في ليٽر ليوي وصول ڪري رهي آهي. پيٽرول تي 80 روپيه 29 پئسا في ليٽر ٽيڪسز ۽ پيٽروليم ليوي 60 روپيه في ليٽر ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ 16 سيپٽمبر تي به پيٽرول، ڊيزل ۽ او ايم سي ۽ ڊيلرز مارجن في ليٽر 88 پئسا وڌايو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں