47

سنڌ ۽ پنجاب جي نگران وڏن وزيرن ڪچي ۾ هڪ ئي وقت آپريشن شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

لاهور: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر ۽ ڻگران پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ڪچي جي علائقن ۾ هڪ ئي وقت آپريشن شروع ڪرڻ جي معاملي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب جي ڪچي ۾ اتان جون ايجنسيون آپريشن ڪنديون جڏهن ته سنڌ ۾ به ساڳئي وقت آپريشن شروع ڪيو ويندو ته جيئن ڪوبه ڌاڙيل سنڌ مان پنجاب يا پنجاب مان سنڌ جي حدن ۾ داخل نه ٿي سگهي.

ٻنهي وڏن وزيرن فيصلو ڪندڙ آپريشن تي اتفاق ڪندي فيصلو ڪيو ته آپريشن ۾ ٻنهي صوبن جي پوليس ۽ ٻيون ايجنسيون هڪ ٻئي سان رپورٽ شيئر ڪنديون.

ترجمان موجب ٻنهي وڏن وزيرن جي ملاقات وقت ڪڻڪ جي قيمت مقرر ڪرڻ جي معاملي تي به ڳالهيون ڪيون ويون پر ڪڻڪ جي نئين قيمت هڪ ٻئي سان مشاورت کان پوءِ نوٽيفاءِ ڪئي  ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں