56

انقره: ترڪ پارليامينٽ ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو، 2 دهشتگرد مارجي ويا

انقره: ترڪيه جي گادي واري شهر ۾ پارليامينٽ ڀرسانه مبينه آپگهاتي بمبار پاڻ کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ سمورو علائقو فائرنگ جي آواز سان گونججي ويو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سرڪاري طور تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته پارليامينٽ ڀرسان ڌماڪي جو زوردار آواز آپگهاتي حملو هو جيڪو اڄ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ اجلاس جي شروعات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ ٿيو هو.

ڌماڪي جي نوعيت ۽ مواد بابت تڪراري خبرون ملي رهيون آهن جنهن تي سيڪيورٽي فورسز اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هوڏانهن ترڪ پرڏيهي وزارت جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته ٻن دهشتگردن گهرو وزارت جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن مان هڪ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ته ٻئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پارليامينٽ عمارت جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي شڪي پيڪيٽ مليا آهن جن ۾ بارودي مواد ڀريل هو ۽ دهشتگردن اجلاس کان اڳ انهن کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. مقامي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته حملي آورن کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا پر سرڪاري طرح اڃان تائين ڌماڪي ۾ ڪنهن جي به فوت ٿيڻ يا زخمي ٿيڻ جي اڃان تائين تصديق نه ڪئي وئي آهي.

واقعي واري هنڌ تي ايمبولينس کي ايندي ۽ ويندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ويجهين اسپتالن ۾ ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته زوردار ڌماڪي کان پوءِ علائقو گولين سان گونجندو رهيو جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته آپگهاتي حملي کان پوءِ فائرنگ ڪئي جيڪا مبينه طور آپگهاتي حملي آور جي ساٿين ۽ پوليس وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. اڃان تائين ڪنهن به شدت پسند تنظيم حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي

ٻئي طرف گهرو وزارت جي وزير علي يرلي ڪايا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو  آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، 2 دهشتگرد صبح ساڍي 9 وڳي گاڏي ۾ سوار ٿي آيا جن مان هڪ دهشتگرد پاڻ کي گهرو وزارت جي بلڊنگ ٻاهران ڌماڪي سان  اڏائي ڇڏيو جڏهن ته ٻئي دهشتگرد فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي ٻئي دهشتگرد کي ماري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں