پنوعاقل : پنوعاقل ڀرسان بُلابرادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي ۾ فائرنگ دوران ناري قتل ٿي وئي، هڪ ناري سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا
ڳوٺ لال پير ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو، فائرنگ ۾ 2 نارين سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا
لال پير واري علائقي ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي ڪري ٻنھي ڌرين جي ٻن نينگرين سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا
فائرنگ ۾ زخمي ٿيل حميده گهوٽڪي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٻي ناري صغران جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جھيڙي جي سمورن زخمين کي مقامي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو
گھوٽڪي ۽ سکر پوليس پاران حد بندي جو تڪرار ڄاڻايو ويو، ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي، دادلوءِ پوليس موجب هي اسان جي حد ناھي، گھوٽڪي ضلعي جي آھي
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قربان بلو ۽ شعبان بلو جي ڌرين ۾ پراڻو جھيڙو ھلندڙ آھي، اڳ به ٻنھي ڌرين جا خون ٿيل آھن