57

زيادتي جو شڪار ٿيڻ بعد فوت ٿيل نازيه چنو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

وارھ ۾ اجتماعي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيڻ بعد انصاف جي آسري فوت ٿيل ناري نازيا چنو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري، قتل جو سبب ڏاڍائي دوران زخم ٿيڻ ۽ انفيڪشن جو سموري جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ قرار ڏنو ويو آهي

وومين ميڊيڪل آفيسر اسٽيٽمنٽ ۾ ڄاڻايو ته نازيا چنو کي  زيادتي سبب  زخم رسيو، جيڪو وڌي وڃڻ سبب انفيڪشن ۾تبديل ٿي ويو، جنهن جا اثر سموري جسم تي ٿيا ۽ زخمن جو زهر سموري جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ موت جو سبب بڻيو

 ناري نازيا چنو سان زيادتي ۾ ملوث جوابدارن جي ڊي اين اي سيمپل جي رپورٽ لمس ليبارٽري طرفان اڃا تائين جاري نه ٿي سگهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں