47

کند جي قيمت پنجاب حڪومت مقرر ڪري: لاهور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ کنڊ جون قيمتون مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

لاهور هاءِ  ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ کنڊ جي قيمتن بابت  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت وفاقي سيڪريٽري ڪنٽرولر جنرل پرائس جو کنڊ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن  ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته پنجاب جي حد تائين پرائس ايڪٽ 1977 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته صوبي ۾ پنجاب حڪومت کنڊ جون قيمتون مقرر ڪندي.  تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

ياد رهي ته شوگرملز مالڪان کنڊ جون قيمتون مقرر ڪرڻ  وارو وفاقي حڪومت جو قدم چئلينج ڪيو هو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ کنڊ جي قيمتن بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں