56

مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽيڪسز خلاف آزاد ڪشمير ۾ شٽربند هڙتال

مظفرآباد: ملڪ ۾ وڌندڙ رڪارڊ مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽيڪسن جي خلاف   آزاد ڪشمير ۾ اڄ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي.

سڄي ملڪ جيان  آزاد ڪشمير ۾ به عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ ۽ بجلي جي ڳرن بلز خلاف مظفر آباد ۽ ڪوٽلي سميت سڄي آزاد ڪشمير ۾ اڄ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام دڪاندارن سان گڏ هر قسم جو ڪاروبار ۽ بازارون  مڪمل طور تي بند آهن.

واپاري تنظيمن، وڪيلن، ٽرانسپورٽرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ يونين طرفان هڙتال جي حمايت ڪئي وئي آهي. هڙتال سبب آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ سمورا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن جڏهن ته  ڪيترن ئي نجي اسڪولز طرفان عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته  سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرز ۽ عملي کي ڊيوٽي تي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

مهانگائي ۽ بجلي جي بلز ۾ ٽيڪس جي خلاف احتجاجي مهم جي سلسلي ۾ مظاهرين مختلف هنڌن تي رنڊڪون بيهاري اهم روڊن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ايڪشن ڪميٽي موجب احتجاج ۾ ايبولينسن کان سواءِ ڪنهن ٻئي گاڏي کي هلڻ نه پيو ڏنو وڃي. احتجاج دوران مڪمل ڦيٿا روڪ هڙتال جي تحت گادي واري شهر مظفر آباد ۾ ڪنهن به ٻئي شهر جي ليبر پبلڪ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي معطل آهي جڏهن ته مظاهرين مختلف ريلين جي شڪل ۾ چوڪ، چوراهن تي جمع ٿي احتجاج ۽ نعريبازي ڪري رهيا آهن.

ٻئي طرف مظفر آباد ۾ اڊا ڍڪي چوڪ تي هزارين ڪشميري مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف احتجاج جي لاءِ جمع ٿيا. ان موقعي تي جماعت اسلامي سميت ٻين پارٽي ۽ تنظيمن جي مقامي قيادت به مظاهرين جي حمايت لاءِ موجود آهي.

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر راجا مشتاق خان ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير جي ماڻهن تي رينجرز ۽ فوج جي ڪاررواين وارين ڌمڪين کي قبول نٿا ڪريون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں