77

جيڪب آباد ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ عورت ڏير هٿان قتل

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجھو ڪارنهن الزام هيٺ عورت ڏير هٿان قتل ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جهان شاهه ۾ ڏير عطا محمد پنهنجي ڀاڄائي نظيران زال صوبدار لهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولڻ جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس چيو آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ ڏير پنهنجي ڀاڄائي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو، واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں