50

ڊالر جي اسمگلنگ ۽ پناهگيرن جو مسئلو: سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب

ڪراچي: سنڌ ۾ خصوصي ايپيڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

خصوصي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر جي سربراهي ۾ ٿيندو جنهن ۾ اهم وفاقي، صوبائي وزير، عسڪري قيادت سميت ٻين ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا. جڏهن ته اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان، ڪچي جي آپريشن، غيرقانوني پرڏيهين ۽ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ سي ٽي ڊي فورس کي جديد  خطوط تي آڻڻ جو جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته مدرسن جي ريگولرائزيشن ۽ رجسٽريشن جي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جنهن ۾  وڏو انگ افغانين جو آهي. انهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. ان کان علاوه خصوصي اجلاس ۾ ڊالر جي اسمگلنگ، غيرقانوني ڪرنسي جي ڪاروبار، ذخيرو ڪندڙن ۽ اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون تي به بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن جي منصوبن جي تڪميل، جاري منصوبن جي اڳڀرائي ۽ فنڊز بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ان کان علاوه سنڌ ۾ توانائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سرمائيڪاري جي قدمن ۽ گرين انيشينو جي تحت سنڌ ۾ زمين جي دستيابي ۽ زرعي معاملن ۾ التوا بابت قانوني معاملن جو به جائزو ورتو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں