59

پاليسي تبديل نه ٿي آهي، پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني جاري رکندو: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته افغان پناهگيرن بابت پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي آهي پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني جاري رکندو.

هفتيوار نيوز بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته تازن فيصلن سان قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگير متاثر نه ٿيندا. فيصلو غيرقانوني افغان شهرين بابت آهي جن وٽ ويزا يا دستاويزات نه هوندا انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙين پاليسين جو تعلق ڪنهن خاص ملڪ سان نه پر سڀني جي لاءِ آهي.

زهريٰ بلوچ وڌيڪ چيو ته پاڪ افغان ٻطرفي  تجارت بند نه ٿي آهي اهي سمورا الزام بني بنياد آهن، جن جون رپورٽون به موجود آهن. پاڪستان افغانستان جي عبوري حڪومت سان ڳالهيون جاري رکندو. پاڪستان افغان  ٽرانزٽ ٽريڊ جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي قابض فوج جو جمون، ڪشمير ۾ ظلمن جو سلسلو جاري آهي. سيپٽمبر مهيني ۾ 13 بي گناهه ڪشميرين کي قتل ڪيو ويو آهي اهو ظلم جنيوا ڪنوينشن، گڏيل قومن جي طئي ڪيل انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں