50

ميرپورخاص ڀرسان سڱاوتي معاملي تان جوابدار سڳي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص: پراڻي ميرپور ٿاڻي جي درگاھ لشڪر شاھ ويجهو ڳوٺ غلام محمد بگٽي ۾ سڱاوتي جي معاملي تان جوابدار پنهنجي سڳي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

سڱاوتي معاملي تان ٿيل جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب ماستر عبدالرحمان بگٽي قتل ٿي ويو, واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس پھچي لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب  فوتي عبدالرحمان بگٽي جو پنهنجي ڀاء محمد حسن ۽ ڀائٽين مختيار بگٽي, شوڪت بگٽي ۽ تنوير بگٽي سان  تڪرار هلندڙ هيو  فوتي عبدالرحمان اسڪول ۾ ڊيوٽي تي موجود هيو جتي سندس ڀاء ۽ ڀائٽين کيس گوليون هڻي قتل ڪيو.

ان حوالي سان پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي ڀائرن ۾ 3 سالن کان خانداني تڪرار هلندڙ هيو جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي, جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

قتل جي واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. مڇريل ماڻهن هڪ ڪار کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں