46

سمورا سازشي ڪردار انجام تي پهچي ويا، هاڻ پاڪستان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي: مريم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته سمورا سازشي ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي چڪا آهن. هاڻ  اسان کي پاڪستان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) اقليتي ونگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مريم نوازشريف چيو ته 21 آڪٽوبر تي  مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. 2013 کان 2018 تائين نوازشريف جي دور ۾ مهانگائي ڪنٽرول ۾ رهي. نوازشريف کي ملڪ مان ڪڍيو ويو ته ملڪ مان ترقي ۽ خوشحالي، نڪري وئي ان سان گڏ امن ۽ سڪون به نڪري ويو.

مريم نوازشريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي ڪڌن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو.  رت جون نديون وهايو ويون، رب پاڪ جي فضل سان سمورا سازشي ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي چڪا آهن.  هاڻ اسان کي سڀ ڪجهه وساري پاڪستان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي.

هن چيو ته  اڄ پاڪستان جي اقليتن جا خوبصورت رنگ هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي،  نوازشريف ڪڏهن به  مسلم ۽ غير مسلم پاڪستانين جي حقن ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو. نوازشريف ڪرسمس جي ڏينهن پيدا ٿيو. سک برادري ي ڏسي پنهنجي ڏاڏي جي پيدائشي علائقي امرتسر جي ياد اچي وئي آهي. امرتسر ۾ ڏاڏي جي گهر کي گوردوار بنايو ويو، امرتسر  مان هميشه دعائن جا پيغام ايندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں